اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ورثي ۾ مليل مشڪل اقتصادي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ زبون حال معيشيت جي بحالي جي ??اءِ ٺوس ۽ پائيدار بنيادن تي قدم کنيا آهن، جنهن جي ڪري قومي معيشيت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي وئي اهي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي ??ضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي ??رحلي جي ??شاندهي ڪري رهيا آهن. جاري مالي سال جي دوران قومي معيشيت جي حوالي سان اهڃان هاڪاري آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو،، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9. 1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿي ويو آهي. سال 2018ع ۾ حڪومت کي مشڪل اقتصادي حالتون ۽ معيشيت ورثي ۾ ملي، معاشي ڏکيائين ۽ حد درجي تائين وڌيڪ حڪومتين خرچن تي ضابطي لاءِ حڪومت سخت مالياتي نظم ضبط لاڳو ڪيو، محصولن ۾ اضافو ڪيو ويو، مارڪيٽ جي ??حاظ کان ايڪسچينج ريٽ متعارف ڪرايو ويو، ٽيڪسن ۾ وڏي ڇوٽ ۽ مڪمل ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويو، جڏهن ته آمدني واپار جي حوصله شڪني ڪئي وئي. انهن قدمن جي ??تيجي ۾ پاڪستان مالياتي ۽ جاري حسابن جي خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ ذڪر جوڳي بهتري ڏيکاري، پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس واڌو ۾ اچي ويو، جنهن جو ماضيءَ ۾ مثال نه ٿو ملي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا کان پهرين سمورا معاشي اهڃاڻ نمايان بهتري جي عڪاسي ڪري رهيا هئا، ڪووڊ- 19 جي عرصي ۾ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??اليسي اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ گڏوگڏ معيشيت کي فعال ۽ متحرڪ رکڻ هو. سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي تحت ڪجهه ڪاروباري شعبا کوليا ويا، جڏهن ته ڪجهه کي محدود پيماني تي ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ڏکي وقت ۾ وبا جي ??اڪاري اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. حڪومت معاشي بحالي واري عمل کي تيز ڪرڻ جي ??اءِ زراعت ۽ اڏاوتي شعبن کي سهولتون ڏيڻ جي ڏس ۾ ڪيترائي اپاءَ ورتا. وزيراعظم عمران خان زرعي شعبي جي ??اءِ 24 ارب روپين جي ??يڪيج جي ??نظوري ڏني آهي ته جيئن هارين کي گهٽ اگهه تي زرعي اسمن جي ??راهمي ممڪن ٿي سگهي. ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) کي ڪيش جي ??سئلي ۽ بيروزگاري کان بچائڻ جي ??اءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو. حڪومت ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ هڪ ڪروڙ 50 لک ڪٽنبن کي 12 هزار روپيا في ڪٽنب روڪ امداد ڏيڻ جي ??اءِ ”احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام“ شروع ڪيو، ان مقصد لاءِ 144 ارب روپيا رکيا ويا. مالي سال جي ??هرين ٽه ماهي ۾ قومي معيشيت جي حوالي سان اهڃاڻ مثبت رهيا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو، سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9.1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿي ويو. حڪومت جي بروقت ۽ دانشمنداڻين پاليسين جي ڪري وڏين صنعتن جي ??يداوار ”ايل ايس ايم“ ۾ 4.8 سيڪڙو ۽ سيمينٽ جي ??يداوار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو. سيمينٽ جي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت حاصل ڪئي وئي. اهڙي ريت جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين جي ??دي ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي ??ڪري ۾ ذڪر جوڳو اضافو ٿيو. ڪووڊ- 19 عالمي وبا جي باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي ??ضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي ??رحلي جي ??شاندهي ڪري رهيا آهن. حڪومت نجي شعبي جي ??عاونت تي پختو يقين رکي ٿي ۽ ان شعبي کي معاشي شعبي جي ترقي جي انجڻ سمجهي ٿي، حڪومت جامع ۽ پائيدار اوسر جي ??اءِ ادارن جي صلاحيتن ۾ بهتري تي يقين رکي ٿي. ڪريڊٽ ريٽنگ جي بين الاقوامي اداري ”موڊيز“ آگسٽ 2020ع ۾ پاڪستان جي ??عاشي درجه بندي کي ”مستحڪم“ قرار ڏنو هو. حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ آزاداڻي پاليسي متعارف ڪرائي، ڪاروبار ۾ آسانين لاءِ قدم کنيا ويا. ان حوالي سان عالمي انڊيڪس ”اي او بي ڊي“ ۾ 2018ع ۾ پاڪستان جي ??وزيشن 147، 2019ع ۾ 136 ۽ 2020ع ۾ 108 نمبر تي اچي وئي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۽ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪا پاڪستان جي ??عيشيت تي اعتماد جي عڪاسي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan eyes China to fund Iran pipeline project
-
Panic as police refuse security of houses during Eid holidays
-
No plans to revive peace talks with Taliban
-
Girls with dreams become women with vision: Ambassador Hale
-
Nab arrests three for defrauding public of Rs 72 million
-
Commandos provide blood donations for blast victims
-
Pakistan, Turkey tread forward improving bilateral ties
-
Kaptaan to reveal fresh evidence on Panamagate today
-
Midas to Gold App ڈاؤن لوڈ کرنے کا بہترین طریقہ
-
PUBG موبائل ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
وائلڈ ہیل آفیشل گیم ویب سائٹ: نئی گیمنگ دنیا کا تجربہ
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کا تعارف