اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سموري قيادت کي گڏجي ويهڻو پوندو، معاشي معاملا بهتري بدران خراب ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته هو هن ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ اسان سان گڏجي ويهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي آخري ڏينهن خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن اي??ان ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان گولڊن جوبلي تقريبن دوران خيالن جي اظهار سان آئندي جون راهون مقرر ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، هن شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، سندس ٽيم، سينيٽ سيڪريٽري، پروٽوڪول سيڪشن، م??ڊي?? سميت سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن ک?? خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته هتي جيترا به ماڻهو شريڪ ٿيا انهن جي ڳالهه جو محور پاڪستان جي معاشي صورتحال رهي، سينيٽ ۽ وفاق پاڪستان جي علامت آهي، ملڪ هن وقت جنهن ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪو سياسي گرمي پد آهي ان تي به هتي ڳالهه ٿيڻ گهربي هئي، هن چيو ته اسان هن فورم تان هڪ دفعو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته رياست پاڪستان ک?? ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ پاڪستان جي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اڄ سمورين سياسي قوتن ک?? گڏجي ويهي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان جي اها بدقسمتي آهي ته هتي معاملا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيا، هن چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال، ڪرنسي، معاشي اوسر ۾ اسان لاهن چاڙهن جو شڪار ئي رهيا آهيون، ان جو هڪ وڏو سبب شايد سياسي عدم استحڪام آهي ۽ سياسي عدم استحڪام جو هڪ وڏو سبب غير آئيني مداخلت رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻن موقعن تي آئين معطل ۽ آمراڻو راڄ لاڳو رهيو جنهن جو وقت ڪڏهن 10 سال ۽ ڪڏهن 8 سال رهيو، هن چيو ته اسان ک?? انهن سببن جو به جائزو وٺڻو پوندو ته اهي مارشل لا ڇ?? لاڳو ٿيا. هن سوال ڪيو ته ڇا اسان ک?? ماضي مان سبق سکڻ گهرجي؟ هن چيو ته اسان ک?? پنهنجي روين ۾ سنجيدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، هڪٻئي جي ڳچي پڪڙڻ سان هي ادارو ۽ رياست ٻئي ڪمزور ٿيندا. اسان ک?? سنجيده سياستدانن طور بردباري، تحمل، برداشت سان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هن اهم موقعي تي مخالف ڌر انهن تقريبن ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي پر اهو سندن پنهنجو فيصلو هو جيڪڏهن هو اسان جي وچ ۾ هجن ها ته خوشي جي ڳالهه هجي ها ۽ ان سان عوام تائين سٺو پيغام وڃي ها ته پاڪستان جا سياستدان آئين جي گولڊن جوبلي تي گڏجي ويٺل آهن. ڪميٽي آف دي هول جو حصو بڻجن ها ته ان سان سٺو پيغام وڃي ها، هن چيو ته سياست تفريح جو نالو ناهي سياست پنهنجي نظريي تي ڄمي بيهڻ جو نالو آهي، جڏهن ته ٻانهون مٿي کنجي ڄمي بيهڻ درست عمل ناهي، معاملا منطق ۽ دليل سان اڳتي وڌندا آهن، هڪٻئي کي قائل ڪريو ۽ وطن عزيز ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو، اها ئي قيادت ۽ اها ئي ذميواري ۽ اهو ئي حلف ۽ فرض آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن اي??ان ۾ مخالف ڌر کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته هن ملڪ لاءِ گڏجي ويهون، چڱايون ميڙيون، براين جو خاتمو ڪريون ته جيئن اي??دڙ 50 سال خوشحالي ۽ ترقي جا ٿين.
متعلقہ مضامین
-
Hula Honest Entertainment ویب سائٹ تفریح کا بہترین ذریعہ
-
SZH performs first public sector liver transplantation
-
WHO lauds Vision-2025 for health indicators
-
Census is a national task: Memon
-
Electronic Probe Entertainment سرکاری داخلہ
-
GEM Electronic Entertainment کا سرکاری داخلہ
-
ریسٹورانٹ کریز آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی مکمل تفصیل
-
سلاٹ مشین آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
گولڈن جیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: فٹنس اور تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
ورجینیا الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل معلومات
-
KM کارڈ گیم ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ لنک کے ساتھ دلچسپ کھیلوں کا تجربہ
-
مسالہ دار ایوارڈ اور دیانت دار تفریحی ایپ کی کہانی